تلور جي ڀٽ

تلور جي ڀٽ: هي ڀٽ/ دڙو تعلقي فيض گنج، ضلعي خيرپور ميرس ۾ واقع واريءَ جي ڊٻن ۾ لڪل آھي، جيڪي ٻن کان چئن ميٽرن جي اوچائيءَ جون آھن. ھي ماڳ ٻن حصن ۾ ورھايل آھي. هن ماڳ جي هڪ حصي (A) مان سنڌو سڀيتا جا آثار مليا آھن ۽ ٻئي حصي مان ڪوٽڏجيءَ واري ڪلچر جون وٿون مليون آهن. ھي ماڳ شاهه لطيف يونيورسٽيءَ جي آرڪيالاجي ڊپارٽمنٽ سال 1992ع ۾ ڳولي لڌو ھو. ٻن حصن ۾ ورھايل دڙي جو پھريون A ڀاڱو 8760 چورس ميٽر ۽ B ڀاڱو 54648 چورس ميٽرن ۾ آھي. ھتان مليل وٿن ۾ سنڌوءَ جو ڳاڙھي تي ڪاري ليڪي (slip) وارو ٺڪراٺو، چٽيل ٺڪراٺو، پنن ٻوٽن جي ڇاپ وارو ٺڪراٺو، پکين ڇاپ ٺڪراٺو، انگر ونگڙ ليڪن وارو ٺڪراٺو، مڇيءَ ڇاپ ٺڪراٺو ۽ ٻين مختلف ڇاپن وارو ٺڪراٺو مليو آھي. ھتان لڌل ٺڪراٺو سنڌو سڀيتا جي پوئين دور (Mature Indus Period) جو آھي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو